اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيپٽمبر ۾ پاڪستان جو تجارتي خسارو ساڍا 19 سيڪڙو واڌ بعد 2 ارب 39 ڪروڙ 10 لک ڊالر ٿي ويو آهي. شماريات بيورو پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب خساري ۾ واڌ جو سبب کنڊ ۽ ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ آهي. هي ته هڪ مهيني جو خسارو آهي پر جيڪڏهن هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين خسارو 5 ارب 80 ڪروڙ 40 لک ڊالر ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ڪورونا سبب امپورٽ گهٽ ٿيڻ سبب خسارو گهٽ ٿيو هو جنهن کي حڪومت پنهنجي ڪاميابي طور پيش ڪري رهي هئي.










