اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو تباهي ڪڏهن ناهي آئي .اسد عمر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت تي تنقيد ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هن حڪومت عوام جي زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي ڇڏي آهي؟ تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ اڄ جي قيمت جو مقابلو ڏسو.هن وڌيڪ لکيو ته اٽي جي قيمت ۾ 132 سيڪڙو، چانورن جي قيمتن ۾ 88 سيڪڙو، ڪڪڙ جي قيمت ۾ 72 سيڪڙو، دال جي قيمت ۾ 71 سيڪڙو، کير جي قيمت ۾ 44 سيڪڙو ۽ کنڊ جي قيمت ۾ 37 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.










