لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جو ڇهون ميچ انگلينڊ 8 وڪيٽن تان کٽي سيريخز برابر ڪري ڇڏي. قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ايلڪس هيلز 27 ۽ ڊيوڊ ملن 26 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا ٻئي وڪيٽون شاداب ورتيون. فل سالٽ ٽن ڇڪن ۽ 13 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 87 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو۽ انگلينڊ 14.3 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي.
England sail past 100 at the end of the seventh over!
68 needed to win off 78 balls#PAKvENG
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) September 30, 2022
ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنز ٺاهي سگهيو. اننگ جي آخري بال تي محمد نواز ٽوپلي جي بال تي بروڪ هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم ٽن ڇڪن 7 چوڪن جي مدد سان 59 بالن تي 87 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. 5 ميچز مان ٽي پاڪستان ۽ 2 انگلينڊ کٽيا آهن. ٻنهي ٽيمن ۾ ٻه ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن. پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ حارث سهيل وڪٽ ڪيپر اوپننگ بيٽسمين کي رضوان جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي. هن کي ٽي ٽوئنٽي انٽر نيشنل جي ڪيپ رضوان پارائي. جڏهن ته حارث رئوف کي ريست ڏئي شاهنواز ڏاهاڻي کي شامل ڪيو ويو آهي. انگلينڊ جي ٽيم ۾ ريس ٽوپلي کي رچرڊ ووڪس ۽ رچرڊ گليسن مارڪ ووڊ جي جاءِ تي کيڏي رهيا آهن. پاڪستان اننگ شروع ڪئي ٽئين اوور ۾ ڇڪو هڻي ڊيبيو ڪندڙ محمد حارث 14 جي مجموعي اسڪور تي رچرڊ گليسن جي بال تي عادل رشيد هٿان ڪيچ ٿيو. ڪيچ ٿي ويو. شان مسعود بنا رن ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. 62 جي مجموعي اسڪور تي حيدر علي به 18 رنز ٺاهي سيم ڪرن جي بال تي بين ڊڪٽ هٿان ڪيچ ٿي ويو. افتخار احمد 21 بالن تي 31 رنز ڄاهي سيم ڪرن جي بال تي بروڪ هٿان ڪيچ ٿيو، جنهن بعد آصف علي بابر اعظم اسڪور اڳتي وڌايو. بابر 41 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. جنهن بعد ٻنهي زبردست شاٽ کيڏيا. محمد آصف 9 بالن تي 9 رنز ٺاهي 17 هين اوور جي پڄاڻي تي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو، پاڪستان 17 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنز ٺاهيون ته محمد نواز ڪپتان جي ساٿ لاءِ پهتو جيڪو 20هين اوور جي آخري بال تي آئوٽ ٿيو. .
Mohammad Rizwan has been rested!
Mohammad Haris makes his T20 debut for Pakistan; Dahani comes in for Rauf. Topley and Gleeson replace Woakes and Wood in England's XIhttps://t.co/zUghVGJE8V | #PAKvENG pic.twitter.com/4r5KDEzDYD
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) September 30, 2022










