پاڪستان دشمن عالمي دهشتگرد پر اسرار نموني افغانستان ۾ قتل

پاڪستان دشمن عالمي دهشتگرد پر اسرار نموني افغانستان ۾ قتل

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ پاڪستان جو وڏو دشمن مارجي ويو آهي، دهشتگرد ثناءُ الله غفاري عرف شهاب المهاجر افغان شهر ڪنڊا ۾ مارجي ويو آهي.مارجي ويل دهشتگرد ثناءُ الله غفاري نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي گهربل هو، دهشتگرد ۽ سندس ڪٽنب ڀارت مان لڏي افغانستان آيو هو.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري جو تعلق ڪابل افغانستان سان هو، جنهن ديني تعليم غفاري مدرسي ڪابل مان حاصل ڪئي.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري ايران، ازبڪستان، تاجڪستان، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هو.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري اپريل 2020 کان اسلامي رياست خراسان صوبي جو اڳواڻ هو.مارجي ويل دهشتگرد ثناءُ الله غفاري سمورن آپريشنز جو ماسٽر مائينڊ ۽ هيڊ آف آپريشنز هو.ڊسمبر 2021ع ۾ گڏيل قومن، آمريڪا ۽ يورپي يونين ثناءُ الله غفاري کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي سندس سر تي 10 لک ڊالر انعام مقرر ڪيو هو.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري کي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي حملن جو ماسٽر مائينڊ ۽ آپريشن ليڊر قرار ڏنو ويو آهي.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ پشاور جي امام بارگاهه قصه خواني بازار تي حملن ۾ ملوث هو.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري افغانستان جي ننگرهار ۾ جيل ٽوڙڻ، ازبڪستان ۽ تاجڪستان ۾ راڪيٽ حملن ۾ ملوث هو.دهشتگرد ثناءُ الله غفاري ايران ۾ شاهه چراغ جي مزار ڌماڪي ۽ افغانستان ۾ مزار شريف تي حملي ۾ ملوث هو.

پهنجو تبصرو موڪليو