نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزه بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم غزه بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي فوري عمل جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2728 جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو.منير اڪرم چيو ته قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته رمضان جي مهيني دوران غزه ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي.هن چيو ته ٺهراءُ غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي مهم کي روڪڻ لاءِ پهريون قدم آهي، پاڪستان فلسطين کي محفوظ ۽ آزاد رياست بڻائڻ لاءِ سرگرم ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان فلسطين کي محفوظ ۽ آزاد رياست بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهندو.منير اڪرم چيو ته هڪ فلسطيني رياست جيڪا اڳ ۾ موجود سرحدن تي جون 1967ع کان قائم آهي، هڪ فلسطيني رياست جنهن جي گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف آهي.










