برسلز (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته توانائي جي مسئلن جي حل لاءِ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي، جوهري توانائي جي پرامن مقصدن ۾ استعمال لاءِ پاڪستان پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.برسلز ۾ جوهري توانائي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اسان کي صاف ۽ سستي توانائي جي ضرورت آهي، ماحول دوست توانائي مستقبل لاءِ عمل جوڳو حل پيش ڪري ٿي.هن چيو ته پاڪستان آءِ اَي اِي اَي جو فعال ڀائيوار آهي، اسان ڪوپ 28 ۾ گهٽ خارج ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۾ جوهري توانائي جي منظوري ڏني هئي، جوهري توانائي جي پرامن مقصدن ۾ استعمال لاءِ پاڪستان پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.سندس چوڻ هو ته هيءَ سمٽ توانائي جي وڌندڙ طلب ۽ پيش موسمياتي چئلينجن وقت ٿي رهي آهي، توانائي مسئلن جي حل لاءِ پائيدار قدمن جي ضرورت آهي.










