پاڪستان جا 7 رانديگر بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شامل

پاڪستان جا 7 رانديگر بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا 7 رانديگر ايندڙ مهيني بنگلاديش ۾ ٿيندڙ پريميئر ليگ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريندا ڍاڪا جي ٽيم ۾ 3 پاڪستان ڪرڪيٽر شامل آهن.. بنگلاديش پريميئر ليگ 11 ڊسمبر کان 16 جنوري تائين جاري رهندي ليگ ۾ پاڪستان جا 7 رانديگر حصو وٺي رهيا آهن. رانديگرن جي انتخاب لاءِ ڊرافٽ گذريل ڏينهن منعقد ٿيا جنهن تحت اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، فاسٽ بالر وهاب رياض ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندڙ آصف علي ڍاڪا جي نمائندگي ڪندا. فاسٽ بالر محمد عمار کهلنه ٽائيگرز جي ٽيم ۾ شامل آهي، آل رائونڊر محمد نواز ۽ فاسٽ بالر محمد عرفان کي راجشاهي رائلز جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته آل رائونڊر عماد وسيم چٽاگانگ چيلنجرز جي ٽيم ۾ شامل آهي. ڊرافٽ جي آغاز کان اڳ پاڪستان جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جو نالو فهرست کان ڪڍيو ويو جنهن جي ڪا به وجهه نه ٻڌائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو