اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي قرضن جي وصولي جي شرطن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ سياسي تڪرار حل ڪري، تفصيل موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان پاڪستان کي قرضن جي وصولي جي شرطن کان آگاهه ڪيو ويو.آءِ ايم ايف پاڪستان کي چيو ته بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ پنهنجا سياسي تڪرار آئين جي اندر اندر حل ڪيا وڃن. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ملڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه نه ٿا ڪريون پر پاڪستان ۾ تازي سياسي پيش رفت جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سياسي پيش رفت جو جائزو وٺي رهيا آهيون.ناٿن پورٽر چيو ته کيس اميد آهي ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني موجب پرامن رستو ڳوليو ويندو.










