پاڪستان آمريڪا جو اهم ساٿي آهي: ٿامس ويسٽ

پاڪستان آمريڪا جو اهم ساٿي آهي: ٿامس ويسٽ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير ٿامس ويسٽ چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جو اهم ساٿي آهي، گڏجي ڪم جاري رکنداسين.افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي ۽ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٿامس ويسٽ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته گذريل سال دوران پاڪستان خلاف ٽي ٽي پي جي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ٿامس ويسٽ چيو آهي ته طالبان طرفان ايمن الظواهري کي پناهه ڏيڻ دوحه معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي، آمريڪي عملدارن ۽ طالبان جي نمائندن ۾ پهريون ڀيرو دوحه ۾ ملاقات ٿي.هن چيو ته طالبان سان ڳالهين ۾ کيس انساني حقن بابت خدشن جو اظهار ڪرڻ گهرجي، هن طالبان سان دهشتگردي تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن القائده ۽ داعش خلاف طالبان جي ڪوششن بابت خدشن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.افغانستان لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي جو چوڻ آهي ته هو ٻه هفتا اڳ اڍائي ڏينهن پاڪستان ۾ رهيو، افغانستان ۾ گڏيل مفادن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسلام آباد ۾ سڪيورٽي ۽ سول آفيسرن سان ڳالهيون ڪري خوشي ٿي، پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي. ٿامس ويسٽ چيو ته 40 سالن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جو به ٿورائتو آهيان جنهن پناهگيرن جي مدد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو