اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ اها شرح ساڍا ٽي سيڪڙو کان وڌي وئي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جو انگ وڌي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1.53 سيڪڙو ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 13 هزار 300 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 204 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي. اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو پر 66 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










