پاڪستاني ڊرائيور سعودي عرب ۾ ايمانداري جي مثال قائم ڪري ڇڏي

مڪه شريف (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيڪسي ڊرائيور سعودي عرب ۾ مسافرن جا وساريل پئسا واپس ڪري ايمانداري جو مثال قائم ڪري ڇڏيو.حج مشن جي ترجمان موجب حج لاءِ ايندڙ پاڪستاني شهري بهادر علي ٽيڪسي ۾ 4 هزار سعودي ريال وساري ڇڏيا، جنهن تي ٽيڪسي ڊرائيور علي حسن گجر رقم کڻي پاڪستان حج مشن مڪي پهچي ويو.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڊي آءِ جي ڊاڪٽر محمد اختر عباس پاڪستاني اميدوار جو پتو لڳايو جنهن بعد کيس هوٽل تي پئسا ڏنا ويا.ڊاڪٽر محمد اختر عباس چيو ته پاڪستاني ٽيڪسي ڊرائيورن ايمانداري سان اسان جو سر فخر سان بلند ڪيو.حج مشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رقم واپس ملڻ تي حاجين پاڪستاني حج مشن ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي خراج تحسين پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو