ويسٽ انڊيز جو 126 رنسون، 155 رنسن جي سرسي حاصل

ويسٽ انڊيز جو 126 رنسون، 155 رنسن جي سرسي حاصل

ٽروبا (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جو ٽيون ڏينهن انتهائي دلچسپ ۽ فيصلي ڪندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز ۾ 7 وکٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهي پاڪستان مٿان گڏيل طور تي 155 رنسن جي اهم برتري حاصل ڪري ورتي آهي. تفصيل موجب، راند جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز گذريل ڏينهن جي اسڪور 199 رنسون 3 رانديگر آئوٽ تان اڳتي وڌائي. ڪپتان شان مسعود شاندار بيٽنگ ڪندي 109 رنسون ٺاهيون ۽ سلمان علي آغا 20 رنسون ڪري آئوٽ ٿيو. پر ان کانپوءِ ايندڙ بيٽسمين ويسٽ انڊيز جي بالر جسٽن گريوز اڳيان بيهي نه سگهيا، جنهن 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. محمد رضوان 12، عامر جمال 3 ۽ علي عثمان ٻُڙي تي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته خرم شهزاد 19 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 282 تائين پهچايو. ويسٽ انڊيز کي پهرين اننگز جي بنياد تي 29 رنسن جي برتري ملي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب، ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز جي شروعات 29 رنسن جي ليڊ سان ڪئي پر پاڪستاني بالرن شاندار حملو ڪندي ميزبان ٽيم جا رڳو 43 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي تاگي نارائن چندرپال 35 رنسون ۽ جسٽن گريوز 20 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪجهه سهارو ڏنو، پر 80 ۽ 93 جي مجموعي اسڪور تي هو ٻئي پڻ آئوٽ ٿي ويا. ڪپتان روسٽن چيس رڳو 5 رنسون ٺاهي سگهيو. راند جي ٽئين ڏينهن جو وقت ختم ٿيڻ تائين ويسٽ انڊيز 7 وکٽن تي 126 رنسون ٺاهيون آهن ۽ کين 155 رنسن جي واضع ليڊ ملي چڪي آهي. هن وقت ويسٽ انڊيز طرفان شمار جوزف 22 ۽ ڪيمار روچ 5 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. پاڪستان پاران تيز بالر محمد عباس بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 وڪيٽون هٿ ڪيون آهن، جڏهن ته خرم شهزاد هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چوٿين ڏينهن جي پهرين سيشن ۾ پاڪستاني بالرن کي ميزبان ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻو پوندو ته جيئن هدف تائين پهچڻ آسان ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو