اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي معيشت وينٽي ليٽر تي آهي پر ان جي باوجود عيش و عشرت جو سامان بيدرديءَ سان امپورٽ ڪيو پيو وڃي.شماريات واري بيورو موجب گذريل 6 مهينن دوران هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جون لگزري گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ڪيون ويون.رپورٽ موجب ڪارن جي درآمد ۾ 12 سيڪڙو ۽ موٽرسائيڪلن جي درآمد ۾ 438 سيڪڙو ۽ 71 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شماريات واري بيورو موجب 87.6 ملين ڊالرن جا جهاز، جهاز ۽ ٻيڙيون به پاڪستان پهتا. ان کان علاوه 362.8 ملين ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا موبائيل فون درآمد ڪيا ويا.رپورٽ موجب دوائن ۽ ٽيڪسٽائيل سميت ٻيا برآمدي شعبا خام مال لاءِ ايل سي کولڻ کان به محروم آهن.










