واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس جي 60 ميمبرن پاڪستان جي صورتحال بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٿوني بلنڪن کي خط لکيو.خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري قدرن ۽ انساني حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي.ان کان علاوه خط ۾ سياسي مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ اسيمبليءَ جي ڪنهن به خلاف ورزي جي جاچ ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو.آمريڪي پرڏيهي وزير کي خط موڪلڻ ۾ پاڪ پيڪ جو ڪردار ادا ڪيو، ڪجهه عرصو اڳ پاڪ پيڪ لابنگ به ڪئي هئي.










