پاڪستاني سيريل چڙيلز عالمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽريمنگ زي فائيو تي رليز ڪيل پهرين پاڪستاني ويب سيريز ‘چڙيلز’ کي برٽش ايشين ميڊيا ايوارڊ ‘او ٽي ٽي پليٽ فارم شو آف دي ييئر’ حاصل ڪري ورتو آهي. اسٽريمنگ ذريعي شائقين کي پيسن عيوض فلم يا درامي تائين رسائي ملندي آهي ۽ ان جو دنيا ۾ رجحان وڌي رهيو آهي.

Churails, Screen shot

هي سيريز عاصم عباسي لکي ۽ هدايتون به ڏنيون. هن سيريز ۾ عورتن خلاف دقيانوسي وارن خيالن کي رد ڪندي صنفي برابري کي موضوع بڻايو ويو آهي. هي سيريز زي فائيو جي زندگي چينل تي گذريل سال 11 آگسٽ تي رليز ٿي هئي. هن سيريز ۾ مڙسن جي بيوفائي بعد چار عورتون پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي ٻين عورتن جي زندگي بچائڻ بابت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو