پاڪستاني سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين؛ وزير اعظم

پاڪستاني سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين؛ وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي پيش نظر وزيراعظم عمران خان هنگامي مشاورتي اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ جي سينئر ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزير خارجه شاهه محمود قريشي وچ اوپر جي صورتحال ۽ ايراني هم منصب سان ٿيندڙ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو ۽ پنهنجي سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. مشاورتي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۾ پيش رفت جو جائزو به ورتو ويو ۽ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور به هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ آمريڪي وزير خارجه مائيڪ پومپيو ان حوالي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفونڪ رابطو به ڪيو هو. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه ٿيندو ۽ پاڪستاني سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو