پاڪستاني بيٽسمينن جي مشڪل آسان ٿي وئي

پاڪستاني بيٽسمينن جي مشڪل آسان ٿي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪرڪيٽر هاڻي لاهور ۾ رهي پاڻ کي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي بائونسي پچن لاءِ تيار ڪري سگهندا.بائونسي پچن تي کيڏڻ پاڪستان ۽ ايشيائي بيٽسمينن لاءِ مسئلو رهيو آهي پر هاڻي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بائونسي پچ تيار ڪئي پئي وڃي ۽ لاهور ۾ بائونسي پچ جي تياري هاڻي آخري مرحلي ۾ آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا ڊراپ ان پچ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر منصوبي تي عمل نه ٿيڻ بعد آسٽريليا کان مٽي جو آرڊر ڏنو ويو هو، جتان هاڻي پچ تيار ڪئي وئي آهي.اين سي اي ۾، هن مٽي کي پچ تيار ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو پچ ۾ بائونس وڌائيندو ۽ بيٽسمين کي مشق جو موقعو ڏيندو.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ويندي ۽ ان بيچ جي مهرباني اتي رانديگرن کي فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو