پاڪستاني بينڪنگ شعبي جي ريٽنگ مستحڪم

پاڪستاني بينڪنگ شعبي جي ريٽنگ مستحڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موڊيز پاڪستان جي بينڪنگ شعبي جي ريٽنگ مستحڪم ڪري ڇڏي. موڊيز موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 23 سيڪڙو رهندي.معيشتن جي درجابندي ڪندڙ اداري م وجب بينڪنگ شعبي جو منافعو ايندڙ سال وياج جي شرح ۽ بلند ٽيڪسن سبب گهٽ ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ڏکئي وقت ۾ بينڪن جي مدد ڪئي، جنهن سان ڊيپازٽرز جو نقصان نه ٿيو. موڊيز چيو آهي ته بينڪن کي منافعي کي منافعي سان بهتر فنڊنگ، ليڪويڊيٽي، معاشي چئلينجن ۽ سياسي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستاني بينڪنگ نظام تي معاشي ۽ مالياتي دٻاءُ گهٽ ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو