واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پينٽاگون ۾ پاڪستاني آرمي چيف جي ميزباني ڪري خوشي ٿي آهي.ٽوئيٽر تي لائوڊ آسٽن آرمي چيف سان تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته هن جنرل قمر جاويد باجوا سان دفاعي پارٽنرشپ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته هن سال پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿي ويا آهن.










