پاڪستان، چين ۽ افغانستان ۾ مختلف معاملن ۾ گڏيل تعاون تي اتفاق

اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان، چين ۽ افغانستان ۾ ٽه ملڪي ڳالهه ٻولهه بعد جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ هر قسم جي دهشتگردي خلاف تعاون، سندن مالي مدد ڪرڻ، تربيت ۽ سهولتڪارن خلاف ڪاروائي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٽنهي ملڪن تعاون جاري رکڻ، ون بيلٽ ون روڊ منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ، مشرقي ترڪمانستان جي اسلامي تحريڪ خلاف ڪاروائي تي به اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طورخم جلال آباد لنگهه 24 ڪلاڪ سروس بحال ڪرڻ، اميگريشن مرڪز قائم ڪرڻ، سرد خانا، طبي مرڪز ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جا منصوبن ۾ چين تعاون ڪندو. پشاور ڪابل موٽر وي تعمير ۾ به چين مدد ڪندو.

گڏيل پڌرنامي موجب ٽنهي ملڪن پنج نقطن تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ دهشتگردي خلاف تعاون، ثقافتي وفدن جي مٽا سٽا، سفارتڪارن جي تربيت، سيڪورٽي ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ تعاون شامل آهن. چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي، اڦعانستان جو پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني اسلام آباد جي نور خان ايئربيس تي پهتا ته شاهه محمود قريشي سندن آڌرڀاءُ ڪيو ۽ بعد ۾ سندس صدارت هيٺ ٽنهي ملڪن جو اجلاس ٿيو ۽ بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. جنهن ۾ قريشي ٻڌايو ته ٽنهي ملڪن جي سفارتڪارن جي ڪرڪٽ ٽيمن جا ميچ به ڪرايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو