پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ٽرين سروس بحال ٿي وئي

پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ٽرين سروس بحال ٿي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته 9 سالن بعد ٻيهر پاڪستان، ايران ۽ ترڪي وچ ۾ مال گاڏي سروس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 4 مارچ تي ترڪي مان ٽرين رواني ٿيندي جيڪا 12 ڏينهن بعد پاڪستان پهچندي ۽ 19 مارچ تي پاڪستان مان ٽرين ترڪي لاءِ رواني ٿيندي.هي ٽرين سروس پيپلز پارٽي جي دور ۾ 2009 ۾ شروع ٿي هئي ۽ پهرين ٽرين 13 آگسٽ 2010 تي پاڪستان پهتي هئي. هن مهل تائين پاڪستان مان 8 ۽ ترڪي کان 6 ريل گاڏيون هڪٻئي ڏانهن تجارتي سامان آڻينديون ۽ کڻي وينديون رهيون.پاڪستان مان آخري ٽرين 5 نومبر تي لاهور ڊرائي پورٽ تان رواني ٿي هئي ۽ ترڪي مان آخري ٽرين 9 ڊسمبر 2011 تي پهتي هئي. معاهدي موجب هن ٽرين کي ‘اِي سي او ٽرين’ جو نالو ڏنو ويو هو 420 ميٽر ڊگهي ٽرين ۾ 750 ٽن سامان کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ جي گنجائش هئي. هر مهيني جي پهرين خميس تي ٽرين پاڪستان مان رواني ٿيڻي هئي. ڊان جي رپورٽ موجب هي ٽرين استنبول کان ايران جي شهر زاهدان تائين 90 ڪلاڪن ۾ پهچندي آهي ۽ زاهدان کان اسلام آباد تائين 135 ڪلاڪن کان مٿي وقت لڳندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو