نوشھروفيرو (رپورٽ منظور ملڪ)آپڪاپاپوليشن جي اڳواڻن ضلعي صدر ذاڪر مراد ابڙو، محمد ابراھيم خاصخيلي غلام مرتضي ڦل نسيم راڄپر نظام ابڙو مس ارشاد گجر بيگم مختيار عباسي ساجد علي تڳر ايازعلي سھتو ۽ ٻين دانھيندي صحافين کي ٻڌايو ته ڪرونا وبا جي ڪري صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس ڏنو ويو آھي پر افسوس جو اسان جي پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي رسڪ الاؤنس نٿو ڏنو وڃي پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي ارڙھين ترميم کان پھريان مليل اپگريڊشن بحال ڪري ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي پاپوليشن کاتي ۾ سياسي ڀرتين جي بجاء ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن۽ سينئير سرڪاري ملازمن جي اولاد کي پنجاھ سيڪڙو نوڪريون ڏنو وڃن ميل مبلائزرن کي ھڪ گريڊ جي بجاء تعليمي قابليت موجب يارھون گريڊ ڏنو وڃي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي ريگيولر ڪيو وڃي تمام ڪيڊرن جا رول ريگيوليشن سينارٽي جي بنياد تي پروموشن ڪيا وڃن.










