ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جو چوڻ آهي ته مونکي ڪو پاور نه کپي، مان دنيا جو مالڪ بڻجڻ نٿو چاهيان؛ پاور يا پيڪيج کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڪم جي آزادي ۽ ڊليوري (ڪارڪردگي ڏيکارڻ) اهم آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته ٽيم ۾ جيڪو سڀ کان ڪمزور پوزيشن تي هوندو آهي، مان هميشه ان جي پيڪيج جي ڳالهه ڪندو آهيان. اڳوڻي ڪپتان چيو ته پي سي بي چيئرمين کي هميشه چيو اٿم ته جيڪڏهن مونکي ڪو رول (ذميواري) ڏيو ته ڪم ڪرڻ جو پورو موقعو به ڏيو، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ واپسي ممڪن آهي، پر ان لاءِ رانديگرن کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي. يونس خان چيو ته 2003ع جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ به سينيئر رانديگرن جي وڃڻ تي اسان ذميواري کنئي هئي، جيڪڏهن رانديگر وڏو سوچيندا ته نتيجا به وڏا ۽ مثبت ايندا.










