پاور سيڪٽر جو قرض وڌي 1740 ارب رپيا ٿي ويو

پاور سيڪٽر جو قرض وڌي 1740 ارب رپيا ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ملڪ جي پاور سيڪٽر ۾ گردشي قرض (سرڪيولر ڊيٽ) جو جن هڪ ڀيرو ٻيهر بي قابو ٿي ويو آهي ۽ جون 2026 تائين گڏيل قرض وڌي 1740 ارب رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ذريعن موجب، پاڪستان پاران عالمي مالياتي فنڊ (IMF) سان طئي ٿيل حدف موجب هن قرض کي 1600 ارب رپين تائين محدود رکڻو هو، پر حڪومت ان حدف کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل مالي سال دوران گردشي قرض ۾ 480 ارب رپين جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ناڻي واري وزارت 350 ارب رپيا فراهم ڪيا، پر ان جي باوجود 130 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم مجموعي اسٽاڪ ۾ شامل ٿي وئي. لاڳاپيل وزارت هن اضافي رقم کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي ۽ حڪومت کي اميد آهي ته ايندڙ اقتصادي جائزو وٺڻ تائين قرض کي ٻيهر 1600 اربن جي حد تائين آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو