تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني انقلابي گارڊز نيوي دعويٰ ڪئي آهي ته هن آبنائے هرمز ۾ غير مجاز رستن مان گذرندڙ 3 آئل ٽينڪرن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ 3 آمريڪي جهازن کي به نشانو بڻايو ويو.انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته انهن هڪ آمريڪي هوائي جهاز ڪيريئر ۽ هڪ تباهي ڪندڙ جهاز تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو.ايراني انقلابي گارڊز موجب، اهي آپريشن آمريڪي حملي جي جواب ۾ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته، آمريڪا اڃا تائين تصديق نه ڪئي آهي ته 3 آمريڪي جهازن کي نشانو بڻايو ويو.ان کان اڳ، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو هو ته آمريڪي فورسز 3 ايراني تيل ٽينڪرن کي نشانو بڻايو، جن مان هڪ آبنائے هرمز جي ويجهو ايراني ٻيٽ خارگ جي ساحل تي واقع هو.










