توشه خانه ڪيس 9 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳوڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي دوران احتساب عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. عدالت 9 سيپٽمبر تائين وڌيڪ ڪاروائي ملتوي ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو ۽ آصفه ساڻس گڏ هئا. عدالت ايندڙ حاضري تي زرداري جي حاضري واري درخواست رد ڪندي کيس پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي ڪاروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته ارڙهين ترميم جي خاتمي ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي لاءِ هيسايو پيو وڃي. هن چيو ته اسين جهڪڻ وارا ناهيون، ڀلي سڄي خاندان کي گرفتار ڪريو 18 هين ترميم تي سمجهوتو نه ڪنداسين. هن چيو ته عدالتن ۾ شهيد ڀٽو، محترمه شهيد ڀٽو جا ڪيس التويٰ جو شڪار آهن، احسان الله احسان کي ڪنهن ڀڄايو، آرمي پبلڪ اسڪول حملي ڪيس جو جو ڇا ٿيو؟ هي رڳو اسانکي تنگ پيا ڪن.

Screen grab

ان کان اڳ جيئن ئي فاروق نائڪ آصف علي زرادري کي عدالتي ڪمري ۾ گهرايو ته هو اين 95 ماسڪ ۽ فيس شيلڊ پائي پيش ٿيو، بلاول پارٽي اڳواڻن ۽ معاون وڪيلن کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪورونا وائرس آهي ڪجهه خيال ڪريو. مختصر ٻڌڻي دوران زرداري جي وڪيلن ۽ نيب جي ٽيم ۾ گرما گرمي به ٿي. ان دوران نواز شريف جي وڪيل جهانگيرجدون وڪالت نامون ڏنو ته نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر چيو ته نواز شريف کي عدالت مفرور قرار ڏنو آهي ۽ سندس خلاف اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪاروائي جاري آهي.عدالت نواز شريف جي معاملي بابت ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به بعد ۾ ڪيو ويندو. عدالت آصف علي زرادري، يوسف رضا گيلاني، عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ ٻين کي 9 سيپٽمر تي حاضر رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو ويهه ويهه لک جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائين. ان کان اڳ صبح جو عدالت ٻاهران سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. جي اليون ۾ واقع عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پارليامينٽرينز ۽ وڪيلن کي به عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته سادن ڪپڙن ۾ وڏي تعداد ۾ ڏنڊا بردار موجود آهن جيڪي ڄاڻي واڻي صورتحال خراب ڪري رهيا آهن.

Photo Twitter

لطيف کوسو ۽ فاروق ايڇ نائڪ کي به پوليس وارن روڪي ڇڏيو. سيد نيئر بخاري، فرحت الله بابر، نفيسه شاهه، مهرين رزاق ڀٽو، عامر فدا پراچه، پي پي خيبرپختونخواهه جو صدر همايون خان، سينيٽرروبينه خالد، نرگس ملڪ، ذوالفقار بهڻ. ڊاڪٽر فوزيه سومرو ۽ ٻيا عدالت ٻاهران موجود هئا. ان موقعي تي ڪارا ڪوٽ پهريل ماڻهن صدر زردراي جي حق ۾ ۽ نيب خلاف نعربازي به ڪئي. نيب گردي نهين چلي گي، ايڪ زرداري سب پي ڀاري، اگلي باري ڦر زرداري. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر تي الزام آهي ته هن پرڏيهه مان تحفي ۾ مليل گاڏيون ٿوري رقم ادا ڪري خريد ڪيون. ادائگي جعلي اڪائونٽ مان ڪئي وئي هئي. سندس وڪيلن جو چوڻ آهي ته فوجي حڪمرانن ته سويلن حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ رقم تي تحفن ۾ مليل شيون خريد ڪيون هيون پر انهن خلاف ڪيس نٿو داخل ڪيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته 18 سالن کان فوجي ۽ سول حڪومتن صدر زرداري خلاف درجنين ڪيس ڪيا پر هڪ ڪيس به ثابت نه ڪري سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو