پارڪ لين ريفرنس زرداري حاضري کان آجو قرار

پارڪ لين ريفرنس زرداري حاضري کان آجو قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب التوا جي استدعا ڪري ڇڏي، جج اعظم خان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ چئي رهي آهي ته روزاني جي بنياد تي ڪيس هلايو، فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته عدالت سان واعدو ڪيان ٿو ته شاهدن کان روزاني جي بنياد تي آڏي پڇا ڪندس، پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي21ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو