اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان وٽ ايتري گنجائش ناهي ته پي ٽي آءِ ڇڏي وڃڻ وارن کي پارٽي ۾ شامل ڪري سگهون. ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نواز شريف کي رليف ملڻ گهرجي، اهو سندس حق آهي، جڏهن چونڊون ٿينديون ته نواز شريف واپس اچي پارٽي جي قيادت ڪندو، هو واپس اچي چونڊ مهم هلائيندو.هن چيو ته جيڪڏهن نئين پارٽي ٺهي ته اسان لاءِ ڪو چئلينج نه هوندو، جيڪڏهن نئين پارٽي سياسي اصولن تي عمل ڪندي ته قسمت آزمائڻ گهرجي.گهرو وزير چيو ته پيپلزپارٽي کي حق حاصل آهي ته هو پنجاب ۾ ۽ (ن) ليگ کي به حق حاصل آهي ته هو سنڌ ۾ پنهنجا قدم رکي.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ تي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪي ماڻهو رضاڪاراڻي طور پي ٽي آءِ ڇڏي ويا آهن اهي اڳ ۾ ئي ڪيترين ئي پارٽين ۾ شامل ٿي چڪا آهن، اسان وٽ ايتري گنجائش ناهي ته انهن سمورن ماڻهن کي پارٽي ۾ شامل ڪري سگهون، ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي سگهندا. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته هي عوامي ردعمل نه هو، ڇا اسان عمران خان کي چيو هو ته دفاعي تنصيبات تي حملو ڪيو وڃي؟










