اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ واري ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل بئريسٽر گوهر ڪميشن ۾ پيش ٿيو.عمران خان جي وڪيل چيو ته درخواستگذار آفاق احمد پيش نه ٿي رهيو آهي، عمران خان خلاف درخواست عدم اطمينان تي خارج ڪئي وڃي.ان تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ڪي پي اڪرام الله چيو ته توهان پنهنجا دليل ڏيو پوءِ معاملي کي ڏسنداسين.عمران خان جي وڪيل چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت معاملو فل بينچ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ڪاپي فراهم ڪن.ميمبر اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي چيو ته جڏهن درخواست اچي ٿي ته توهان هاءِ ڪورٽ پهچي وڃو، اسٽي آرڊر کانپوءِ اسان جو ڪم رڳو اچڻ، ويهڻ ۽ وڃڻ آهي، اليڪشن ڪميشن سوموٽو وٺي ٿي، اهڙو ڪو به اختيار ناهي، درخواستگذار به نوٽيس وٺي. ڇا هو دلچسپي رکي ٿو يا نه.بعد ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










