پارٽيءَ ۾ ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ نه گهرجن: فواد چوڌري

پارٽيءَ ۾ ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ نه گهرجن: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو اسان جي پارٽي جا ڪجهه ميمبر ان راءِ جا هجن ته صوبائي اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن پر جڏهن فيصلو ٿيندو ته سڀ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا.ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف 20 مارچ کان اڳ چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي، ٿي سگهي ٿو اسان جي پارٽي جا ڪجهه ميمبر ان راءِ جا هجن ته صوبائي اسيمبليون نه ٽوڙيون وڃن پر جڏهن فيصلو ٿيندو ته سڀ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا. آمريڪي سفير سان ملاقات تي هن چيو ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا سفير رابطي ۾ آهن، سفير سياسي پارٽين جو نقطه نظر سمجهڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو