اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شارٽ سرڪٽ سبب پارليامينٽ آجون سموريون آفيسون ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيون ويون آهن تفصيل مطابق چيئرمين سينيٽ محمد صادق سنجراڻي جي هدايتن مطابق سومر تي ٿيندڙ اجلاس 26 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو رپورٽ موجب رات دير سان ٿيندڙ هن واقعي کان پوءِ قائمه ڪميٽين جا اجلاس به ملتوي ڪيا ويا آهن پارليامينٽ سيڪريتريٽ مطابق عمارت ۾ ڪجهه هنڌن تي برقي چڻگن کان پوءِ ڪجهه تارن جو نقصان پهتو سيڪريٽريٽ جي سموري عملي کي خميس تائين گهر کان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پارليامينٽ هائوس خميس تائين بند رهندو ۽ ان دوران لاڳاپيل عملو سموري وائرنگ ۽ هنڌن جو تفصيلي معائنو ۽ مرمت ڪندو سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوئي جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو بيان ۾ چيو ويو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رانا پرويز اشرف واقعي جو نوٽِس وٺندي فوري طور تي احتياطي اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته ڪنهن به قسم جي نقصان کان بچڻ لاءِ سمورين آفيسن جي چيڪنگ ڪئي ويندي لاڳاپيل سيڪريٽرين کي هن مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










