اسلام آباد(بيورو)حڪومت پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بريت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي بريت خلاف وفاق ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي ذريعي اپيل داخل ڪئي آهي.وفاق پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.وفاق اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو قانون جي خلاف آهي، ٽرائل ڪورٽ جلد فيصلو ڏنو، ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.وفاق جي اپيل ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رڪارڊ ۾ عمران خان جي ڏوهه جا ڪافي دستاويزي ۽ وڊيو ثبوت موجود آهن. ايڊووڪيٽ جنرل اپيل ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن کي نظرانداز ڪندي عمران خان کي بري ڪيو، سرڪاري وڪيل به عمران خان جي بريت جي حمايت ڪئي آهي.










