اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ فنڊ ضبطي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ فنڊ ضبط ڪرڻ واري ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي شوڪاز نوٽيس جو جواب 30 مئي تائين طلب ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل فراهم ڪندڙ بينڪ ملازمن کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ چيو ويو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي ميمبرن کي به جرح جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ پي ٽي آءِ اهو به چيو هو ته معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ 4 مهينن جو وقت ڏنو وڃي.










