اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي بعد پي ٽي آءِ کي وضاحت جو موقعو ڏنو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پارٽي پنهنجي حق ۾ دستاويز آڻيندي ته اليڪشن ڪميشن فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ بعد 7 کان 14 ڏينهن اندر جواب ڏيڻو پوندو.ذريعن موجب شوڪاز نوٽيس جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ريفرنس وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليندو.ذريعن موجب پرڏيهي فنڊنگ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت پارٽي ٽوڙڻ جو اعلان سپريم ڪورٽ کي موڪليندي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ کي پارٽي ٽوڙڻ جو اعلان منظور يا رد ڪرڻ جو حتمي اختيار هوندو.










