پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور

پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ممنوع فنڊنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي.عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايف آءِ اي فارن ايڪسچينج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي، عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪري ته جيئن هو لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي سگهي. .چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو خدشو آهي.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته توهان جي خيال ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ڪهڙي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته ڪيس اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ هليو وڃي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته عمران خان ڪٿي آهي؟ ظاهر ڇو نه ٿيو؟ وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم ڏيندي ته عمران خان فوري طور عدالت ۾ پيش ٿيندو، پوليس بني گالا ۾ سندس گهر جو گهيرو ڪيو آهي، درخواستگذار غيرمعمولي صورتحال سبب پيش نه ٿيا.جسٽس اطهر من الله چيو ته درخواستگذار ٽن وڳي تائين عدالت ۾ پيش ٿين، جنهن تي سندن وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽي وڳي دير ٿي ويندي، اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ويندا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين گرفتار نه ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالت انتظاميا کي اڳوڻي وزيراعظم کي هراسان ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو.جنهن بعد عدالت طلبي تي عمران خان پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سڪيورٽي بانڊ جو معاملو ٻئي صوبي جو آهي ته ٻڌي سگهجي ٿو.جسٽس اطهر من الله چيو ته ان ڪيس ۾ خاص عدالت کي ضمانت جي درخواست ٻڌڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته ان وقت تائين حفاظتي ضمانت ڏينداسين.چيف جسٽس چيو ته اسان حفاظتي ضمانت ڏئي رهيا آهيون، ڪيس ٻڌڻي هيٺ رکي حفاظتي ضمانت ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن اهو معاملو حل نه ٿيو ته توهان جي درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي ڪنداسين.بعد ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڱاري تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 5 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو