اسلام آباد( بيورو)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي جاچ بابت چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جو موقف رد ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي پابندي مڙهيل فنڊنگ بابت عمران خان جي موقف کي رد ڪندي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ بعد عمران خان جا وارنٽ جاري ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جون وڌيڪ 5 ڪمپنيون به ٽريس ڪيون ويون آهن.










