پابندين باوجود چين جي آمريڪا ڏينهن ايڪسپورٽ ۾ واڌ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پابندين جي باوجود چين جي آمريڪا کي ڪيل ايڪسپورٽ ۾ 113 سيڪڙو واڌ رڪارد ٿي آهي. گذريل سال جي ٽن مهينن جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي ٽن مهينن جنوري کان مارچ تائين ايڪسپورٽ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. چين جي ڪسٽم ايجنسي پاران جاري ڪيل ديٽا موجب آمريڪا پاران ڪاٽن جي مصنوعات تي پابندين باوجود سنڪيانگ جا سڌي ريت آمريڪا ڏانهن ايڪسپورٽ 64.4 ملين ڊالر آهن. جڏهن ته چين جا ٽوٽل ٽن مهينن جا ايڪسپورٽ 119.2 ارب ڊالر آهن. چين جي اولهائين علائقي مان ڪورونا وائرس جي باوجود ايڪسپورٽ ۾ واڌ چين لاءِ سٺو سنوڻ آهي. سنڪيانگ کان هن ٽه ماهي ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڪسپورٽ ڪينسر سميت مخلتف بيمارين جي دوائن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا چين تي وڌيڪ تجارتي پابنديون لڳايون ته سنڪيانگ کي ته نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر خود آمريڪي صارف به سخت متاثر ٿيندو.  ياد رهي ته آمريڪا ڪپهه وارين شين تي پابندي مڙهي هئي جڏهن ته يورپي يونين پڻ 1989 کانپوءِ پهريون دفعو گذريل مهيني چين تي پابندي وڌي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو