پائپ لائن ڦاٽن سبب هزارين لٽر تيل ضايع، ڪراچي واسي پريشان

ڪراچي (شهزادو مستوئي) ڊفيسن جي خيابان سحر ۾ تيل جي پائپ لائن ڦاٽڻ سبب هزارين لٽر تيل ضايع ٿي ويو آهي. سنڌ انوائرنمينٽ اٿارٽي يعني سيپا جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته خميس تي پائپ لائن ليڪ ٿيڻ شروع ٿي هئي جنهن سبب سمندڙ ڊيزل جي ڪري علائقي ماحولياتي آلودگي ڦهلجي وئي آهي ۽ آس پاس جا رهائشي عذاب ۾ آهن. ڊفينس جي فيز 4 ۾ نيشنل آئل ريفائنري جي 6 انچ قطر واري لائن ڪياماڙي کان ڪورنگي جي صنعتي زون ۾ لڳل پلانٽ تائين تيل پهچائيندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي مشير مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي سيپا جي ٽيم عبدالله مگسي جي سربراهي ۾ پائپ لائن جو معائنو ڪيو. ياد رهي ته 2012 ۾ به هي پائپ لائن ڦاٽي هئي. پائپ لائن 40 کان 50 سال پراڻي آهي ۽ نيشنل ريفائنري انتظاميه کي ان جي جلد مرمت ۽ تبديلي جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيپا موجب ڊيزل جي رسڻ جو مقدار گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ جلد ٺيڪ ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو