پئسن خاطر پوڙهي سان پرڻايل ناري بازياب، والده حوالي

ڇاڇرو(ساجد نهڙيو) پئسن عيوض پوڙهي سان پرڻايل 14 ورهين جي يتيم نياڻي کي ڇاڇرو پوليس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت نياڻي کي مرضي مطابق والده سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. حميده ڌي راڻو مڱريو جي زبردستي 80 سال جي پوڙهي شخص سان پرڻو ٿيڻ بعد ڇوڪري پوڙهي مڙس مان تنگ ٿي مائٽ جي گهرآئي ته مڙس زبردستي اغوا ڪري کڻي ويو، ڇوڪري جي ماءُ ۽ ڀاءُ محمد خان مڱريو جي درخواست تہ ڇاڇرو پوليس ڇوڪري کي مڙس جي قيد مان آزاد ڪرائي ٿاڻي تي آندو، مڙس فرار ٿي ويو، يتيم نياڻي حميده مڱريو ٿاڻي تہ ڌانهون ڪندي پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو تہ ٻه ميهنا اڳ منهنجي زبردستي 80 سالن جي پوڙهي شخص ضلعي سکر جي ڳوٺ ٺڪراٺو جي رهواسي شاهنواز راڄڙ سان شادي ڪرائي وئي، قيد ۾ رکي مڙس ۽ ڏير تشدد ڪندا هئا. مون شادي نہ اڳ قبول ڪئي نہ هاڻي قبول آهي، زبردستي پئسن جي لالچ ۾ منهنجي شادي ڪرائي وئي آهي، الزام هيٺ آيل مڙس فون ذريعي صحافين کي ٻڌايو تہ ڇوڪري جي ڀاءُ محمد خان مڱريو مونکان 20 لک روپيا وٺي مرضي سان ڇوڪري ميرپورخاص ۾ وٺي آيو جتي مون شادي ڪئي، ھفتو اڳ مونکي برادري جي شادي جي دعوت ۾ ڇاڇرو گهرائي هي ڊرامو ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو تہ ڇاڇرو مان اڳ به هنن اسان جي ڳوٺ جي هڪ شخص کي ڇوڪري وڪرو ڪري ڏني آهي، هي اسان سان ظلم آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن تہ پوليس ڇوڪري کي ڇاڇرو جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت سڳوري ڇوڪري کي مرضي موجب ماءُ سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو