پئسن تي جهيڙو ننڍي ڀاءُ وڏي کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

ڊرگھه بالا(رپورٽ جي ايم لنڊ) ھاءِ اسڪول محلا ڊرگھه بالا ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۾ پئسن جي  ڏيتي ليتي تان جھيڙو ھڪٻئي تي ڏنڊن سان وسڪارو، ننڍي ڀاء نواب ڊکڻ ڏنڊا ھڻي وڏي ڀاءُ جي ٻيڙي ڪاريگر شوڪت علي ڊکڻ کي رتورت ڪري ڇڏيو. شوڪت جي فرياد تي ڊرگھ بالا پوليس اين سي داخل ڪري ڇڏي، جوابدار ڏنڊا ھڻڻ کان پوء فرار ٿي ويو. پوليس جوابدار جي ڳولا  شروع ڪري ڇڏي جڏھن ته زخمي شوڪت کي ليٽر ڏئي جوھي تعلقه اسپتال  علاج لاء موڪليو ويوآهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو