ٽڪ ٽاڪ مقابلي ۾ پوئتي ڇو رهياسين؟ زڪربرگ ٻڌائي ڇڏيو

ٽڪ ٽاڪ مقابلي ۾ پوئتي ڇو رهياسين؟ زڪربرگ ٻڌائي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)مارڪ زڪربرگ پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته سندس ملڪيت واريون ايپس ٽِڪ ٽاڪ کان پوئتي ڇو آهن.هڪ انٽرويو دوران فيس بڪ جي باني جو چوڻ هو ته اسان سوشل نيٽ ورڪنگ جي نئين ٽرينڊ کي اپنائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون جنهن ٽڪ ٽاڪ جي مقبوليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته هو انهن نئين ذريعن کان واقف نه آهن جن ذريعي ماڻهو مواد ڳولي سگهن ٿا ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ سروسز ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهي سگهن ٿا.هن وضاحت ڪئي ته ماڻهن ۾ سوشل نيٽ ورڪنگ فيڊ استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي ته هو پنهنجي پسند جو مواد ڳولڻ جي بجاءِ دوستن طرفان شيئر ڪيل مواد کي ڏسڻ لاءِ آهي مارڪ زڪربرگ جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ماڻهو اڃا تائين پنهنجن دوستن جي شيئر ڪيل مواد بابت ڳالهائي رهيا آهن پر مجموعي طور مواد کي دريافت ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي، يعني جيڪو کين دلچسپ لڳندو آهي، هو دوستن کي پيغامن ۾ موڪليندا آهن ۽ هر هڪ اهڙي طرح سان رابطي ۾ رهندا آهن. هن چيو ته هاڻي اها گهٽ اهميت رکي ٿي ته مواد ڪير ٺاهي رهيو آهي، توهان کي صرف بهترين مواد گهرجي.ماهرن موجب ٽڪ ٽاڪ جي مختصر عرصي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ان جو الگورٿم آهي جيڪو صارفين جي عادتن ۽ ڏسڻ جي تاريخ جي بنياد تي مختصر وڊيوز جي سفارش ڪندو آهي.ٽڪ ٽاڪ جو عروج مارڪ زڪربرگ جي ڪمپني لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن کي هن سال پهريون ڀيرو اتر آمريڪا ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ گهٽتائي جو منهن ڏسڻو پيو.مارڪ زڪربرگ انٽرويو دوران ٽڪ ٽاڪ کي تمام گهڻو اثرائتو مقابلو قرار ڏيندي اعتراف ڪيو ته سندس ڪمپني ان جي مقابلي ۾ سست آهي.”اهو ان ڪري جو مون کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي، هن چيو مون کي لڳي ٿو ته هي ايپ يوٽيوب جو مختصر نسخو آهي،“ ميٽا جي سي اي او چيو ته ڪمپني کي AI ٽيڪنالاجي کي ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا مختصر وڊيوز ۽ مواد جي مختلف قسمن جي سفارش ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو