لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽوڪر جنت مرزا ۽ سندس ڀينرون الاشبا ۽ سحر بيوٽي پارلر کولڻ سان ڪاروباري دنيا ۾ داخل ٿي ويون. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جنت مرزا ۽ سندس ڀينرن فيصل آباد ۾ بيوٽي پارلر کوليو آهي.افتتاحي تقريب جي تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تقريب ۾ سندس گهرواري به ساڻس گڏ آهي.سندس پارلر جي افتتاحي تقريب ۾ ڊاڪٽر مديحه، ڪنول آفتاب، چوڌري ذوالقرنين سميت ڪيترن ئي مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪرز شرڪت ڪئي.سوشل ميڊيا صارفين ٽنهي ڀينرن کي نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.جنت مرزا جا ٽڪ ٽاڪ تي 19 ملين کان وڌيڪ فالوورز ۽ انسٽاگرام تي 3 ملين کان وڌيڪ فالوورز آهن. ان کان علاوه جنت مرزا تازو ئي هڪ پاڪستاني فلم ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.










