ٽي 20 ليگز جو شيڊول، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ منتظمين پريشان

ٽي 20 ليگز جو شيڊول، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ منتظمين پريشان

ميلبورن(ويب ڊيسڪ)ٽي 20 ليگز جي شيڊول ڪرڪيٽ بورڊ ۽ منتظمين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا کي بگ بيش ليگ جي شيڊيول کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. جنوري ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ٽي 20 ليگ جي اعلان منتظمين ۽ بورڊن کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.ڏکڻ آفريڪا جي ٽي 20 ليگ ۽ بنگلاديش جي ليگ به انهن ڏينهن ۾ شيڊول ڪئي پئي وڃي. ميڊيا رپورٽن مطابق ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڊوميسٽڪ ٽي 20 ليگ لاءِ آسٽريليا ۾ ون ڊي سيريز نه کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جنوري ۾ ٽيسٽ سيريز جي پڄاڻي تي شيڊول ڪئي وئي آهي. ميڊيا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز کي ري شيڊول نه ڪيو ويو ته اها منسوخ ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو