ٽي 20 بلاسٽ، 8 پاڪستاني ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا

ٽي 20 بلاسٽ، 8 پاڪستاني ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا

لاهور (ويب ڊيسڪ)ٽي 20 بلاسٽ ٽورنامينٽ ڇنڇر کان شروع ٿيندو، ٽي 20 بلاسٽ ۾ 8 پاڪستاني ڪرڪيٽر به ايڪشن ۾ نظر ايندا.شاهين آفريدي ناٽنگهم آئوٽ لاز جي نمائندگي ڪندو، شاداب خان سسڪس شارڪز جي نمائندگي ڪندو جڏهن ته حسن علي برمنگهم بيئرز ۽ ظفر گوهر گلوسٽر شائر جوائن ڪيو آهي.حيدر علي ۽ زمان خان ڊربي فالڪنز لاءِ ايڪشن ۾ نظر ايندا، جڏهن ته شان مسعود يارڪشائر يو ڪنگز جي ڪپتاني ڪندو.ليگ اسپنر اساما مير ووسٽر ريپڊز جي نمائندگي ڪندو، ٽورنامينٽ جي افتتاحي ڏينهن ايج بيسٽن اسٽيڊيم ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون.ڊربي فالڪنز لنڪاشائر لائٽنگنگ کي منهن ڏيندو جڏهن ته برمنگهم بيئرز ۽ يارڪشائر يو ڪنگز هڪ ٻئي کي منهن ڏيندا.ٽي 20 بلاسٽ فائنل 2 جولاءِ تي ايج بيسٽن ۾ کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو