ٽي ٽي پي پاران سيز فائر ختم، سڄي ملڪ ۾ حملن جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ۾ حڪومت سان ٿيل جنگ بندي ختم ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي دهشتگردن کي سڄي ملڪ ۾ حملن جو حڪم ڏنو آهي. ٽي ٽي پي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”تحريڪ طالبان پاڪستان جي سمورن گروپ اڳواڻن ۽ ذميوارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ جتي به پهچي سگهن حملا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنون ضلعي جي لڪي مروت سميت مختلف علائقن ۾ فوجي تنظيمن پاران مسلسل ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. پاڪستان جي عوام کي مخاطب ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان چيو ته اسان توهان کي ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو ۽ صبر ڪندا رهياسين ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسان ڳالهين واري عمل کي سبوتاژ نه ڪريون پر فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين حملا جاري رکيا. بيان ۾ چيو ويوآهي ته ”هاڻي اسان جا انتقامي حملا به سڄي ملڪ ۾ شروع ٿيندا“. ٻئي طرف حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان سامهون ناهي آيو. ياد رهي ته پاڪستاني حڪومت جون پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون گذريل سال آڪٽوبر ۾ شروع ٿيون هيون پر ڊسمبر ۾ معطل ٿي ويون هيون. واضح رهي ٽي ٽي پي جو اهڙو اعلان پاڪ فوج جي قيادت جي تبديلي جي موقعي تي سامهون آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو