ٽي ٽي پي پاران اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

ٽي ٽي پي پاران اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان پاران اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جماعت الاحرار جو فوجي ۽ حساس ادارن جي سربراهن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو آهي.پابندي مڙهيل جماعتن حڪومتي اهلڪارن، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، سيڪيورٽي ۽ حساس ادارن کي نشانو بڻائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏين ۽ چيڪ پوسٽن تي حملا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.جماعت الاحرار جي اڳواڻ رفيع الله جي نگراني ۾ 2 آپگهاتي بمبارن جو گروپ پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻ سربڪيف مهمند هڪ بيان ۾ 9 مئي جي فسادن کي ساراهيو ۽ شرپسندن جي آجيان ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو