ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻوله ”پري ڊائلاگ“ اسٽيج تي آهن : گهرو وزير

ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻوله ”پري ڊائلاگ“ اسٽيج تي آهن : گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون ڳالهين کان اڳ واري مرحلي ۾ آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چون ٿيون ته پابندي مڙهيل تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. گهرو وزير چيو ته فوجي قيادت سمورين سياسي پارٽين تي مشتمل ڪميٽي جوڙڻ جو چيو هو، اهڙي عمل کي سياسي قيادت ۽ پارليامينٽ جي حمايت حاصل هئي.اڳوڻي وزيراعظم جي حڪومت تي لڳايل الزامن بابت پڇيل سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اها ڪهڙي ديوار آهي جنهن تان عمران خان اڏيو پيو وڃي، ڇا ان بابت پڇڻ هراسان ڪرڻ آهي؟ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان اڃا تائين توشه خاني جي تحفن جو جواب ناهي ڏنو، ڪٿي آهي هن شخص کي صادق ۽ امين چوڻ وارو، قانون سندس ڌمڪين کان نه ڊڄندو.

پهنجو تبصرو موڪليو