اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي.آمريڪي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ خواجا آصف چيو ته اسلام آباد جا ڪابل ۾ حڪمراني ڪندڙ طالبان اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن پر افغان طالبان اختيارين پنهنجي سرزمين کي پاڪستان تي حملن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن، اهي افغان سرزمين پاڪستان تي حملن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. ان معاملي تي هڪ مهينو اڳ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان افغانستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ طالبان ان معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو هو، طالبان چيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪندا، افغان طالبان ۽ کالعدم ٽي ٽي پي فاصلو چاهي ٿو.بچاءَ واري وزير چيو ته عمران خان پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر ۾ اهو اشارو ڏيندو رهيو آهي ته هو طالبان جو نظرياتي حامي آهي، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي. پر پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻن کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ جي حڪمت عملي ناڪام ٿي چڪي آهي.خواجه آصف چيو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ماڻهن وٽ به آمريڪا افغانستان اندر جديد اوزار ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڀارت به طالبان جي مدد ڪري رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن ۽ خيبرپختونخواهه جا ماڻهو طالبان سان گڏ نڪرڻ لاءِ تيار ناهن.ياد رهي ته طالبان جي واپسي خلاف ماڻهو بي هٿيار احتجاج ڪري رهيا آهن، طالبان عورتن تي پابندي لڳائي پنهنجي ڪاميابي کي گهٽائي رهيا آهن.خواجا آصف چيو ته عمران خان جو رويو بدلجندو رهندو آهي، سندس تازن بيانن مان سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺا آهن، هو حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا يا نه، اسد قيصر ۽ ٻيا جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. قومي ڊائلاگ جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ به هجي، ميڊيا به هجي، سول سوسائٽي جا ماڻهو به هجن ته پوءِ قومي ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون.










