ٽي ٽوئنٽي ۾ رضوان ڪيترائي رڪارڊ ٺاهي ڇڏيا

ٽي ٽوئنٽي ۾ رضوان ڪيترائي رڪارڊ ٺاهي ڇڏيا

ڪرائس چرچ(ويب ڊيسڪ)ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي شروعاتي ميچ ۾ بنگلاديش خلاف شاندار بيٽنگ جي بدولت پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪيترائي ٽي ٽوئنٽي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن.محمد رضوان ڪيلينڊر سال 2022 ۾ 1500 ٽي ٽوئنٽي رنسون مڪمل ڪري ورتيون جنهن کانپوءِ هو هڪ سال ۾ ٻه ڀيرا 1500 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو.محمد رضوان 2021 ۽ 2022 ۾، بابر اعظم 2019 ۽ 2021 ۾ جڏهن ته گيل 2012 ۽ 2015 ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو.محمد رضوان لڳاتار ٻن سالن تائين اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ وارو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي.محمد رضوان پنهنجي ڪيريئر جي 58هين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز به حاصل ڪري ورتو.پاڪستاني بيٽسمين 58 اننگز ۾ 2337 رنسون ٺاهيون.ان کان اڳ بابر اعظم 58 اننگز ۾ 2281 ۽ ويرات ڪوهلي 2102 رنسون اسڪور ڪيون.محمد رضوان وڪيٽ ڪيپر طور سڀ کان وڌيڪ ٽي 20 رنسون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو.محمد رضوان اڄ پنهنجي اننگز جي ٻي رن ٺاهي انگلينڊ جي جوس بٽلر کي پوئتي ڇڏي ڏنو.جوس بٽلر وڪيٽ ڪيپر طور ٽي 20 ۾ 2119 رنسون اسڪور ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو