ڪراچي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ڪرڪيٽ جي عالمي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستاني بيٽسمين محمد رضوان شاندار ڪارڪردگي سبب ڪيريئر جي بهترين چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان 831 پوائنٽس سان بدستور پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم 820 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي. بابر اعظم انگلش بيٽسمين کان 11 پوائنٽس پوئتي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ايڊن مرڪرم 743 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.










